راڻو ڪوٽ

راڻو ڪوٽ

راڻو ڪوٽ

راڻو ڪوٽ: راڻو ڪوٽ لاڙ جي مشهور شهر ميرپور ساڪري ۾، 24,29 اتر ويڪرائي ڦاڪ تي ديهه ڍنڍي ۾ آهي. اڳ ۾ هن علائقي کي ڌاراجا سڏيو ويندو هو. ڌاراجا جي حد ميرپور ساڪري ۽ ٻهارن کان اولهه تائين هئي. ڪلهوڙن جي صاحبي تائين اتي نڱامرن جي حڪمراني هئي. نڱامرن جي آخري حڪمران راڻي ارجن کي ڪلهوڙن بجار جوکيي هٿان قتل ڪرائي ڇڏيو، ۽ بجار جوکيي ان رياست جو انت آندو. ’راڻو ڪوٽڌاراجا جي آخري حاڪم راڻي ارجن جي رهائشگاهه هو. هن ڪوٽ کان اولهه تي ٻن ميلن جي مفاصلي تي سنڌ جو مشهور ڌاراجا بندر هو. ڌاراجا بندر جي کنڊرن مان وڏي تعداد ۾ ٺڪراٺو، چيني ۽ شيشي جا ٿانو ملن ٿا. راڻو ڪوٽ بيهڪ جي لحاظ کان تمام اهم هنڌ تي آهي. ان جي هڪ طرف سمنڊ ۽ ٻئي طرف هڪ درياهي وهڪرو آهي. ڪوٽ جي اتر ۾ هڪ پراڻي اوائلي وهڪري جا آثار موجود آهن. ڪوٽ جي اولهه طرف سنڌو درياهه جو ڊيلٽائي حصو ڪجهه ميلن تي آهي، جنهن تي ڌاراجا بندر هو. هن وقت هن ڪوٽ جا کنڊر چورس شڪل ۾ موجود آهن. ڪوٽ جي کنڊرن جي اوچائي زمين جي مٿاڇري کان ڏهه فٽ کن ٿيندي. سڄي ڪوٽ جي ٻاهرين ديوار جي اڏاوت ۾ ڳاڙهو پٿر استعمال ٿيل آهي. هن عمارت جي اوساريءَ ۾ چن جو گچُ ڪم آندو ويو آهي. ڪوٽ چوڪور شڪل ۾ هئڻ ڪري سندس چارئي پاسا بلڪل هڪ جيترا آهن. هر هڪ پاسي جي ڊيگهه 325 فوٽ آهي. ڪوٽ جي ٻاهرين ديوار جي موڪر به سراسري 12 فوٽ هلندي ٿي اچي. لڳي ٿو ته ڪوٽ جي فصيل به بنيادن کان وٺي 12 فوٽ ويڪري آهي. ڪوٽ جي بنيادن ۾ استعمال ٿيل پٿر جي ڊيگهه ڏيڍ فوٽ ۽ ويڪر به ڏيڍ فوٽ آهي. پٿر باقائدي ڇيڻين سان گهڙيل ٿو لڳي، جنهن مان محسوس ٿئي ٿو ته ڪوٽ جي بناوت ۾ سونهن جو خاص خيال رکيو ويو آهي. راڻي ڪوٽ کي ڪل ست برج آهن. چار برج ڪوٽ جي چئن ڪنڊن تي بيٺل آهن. باقي ٽي برج هر پاسي جي وچ تي ٺهيل آهن. اتر پاسي واري ڀت ۾ ڪو به برج نه آهي. ڪوٽ جا برج بيضوي انداز جا آهن. هر هڪ برج جي ڊيگهه ۾ قطر 24.6 فوٽ ۽ ويڪر ۾ قطر 22.6 فوٽ آهي. هڪ برج جي مرڪز کان ٻئي برج جي مرڪز تائين مفاصلو 162.6 فوٽ آهي. هن عاليشان ڪوٽ جي وچ تي هڪ کوهه جو آثار به آهي.


لفظ راڻو ڪوٽھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو